ٽنڊو مير علي ڀرسان پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ، احتجاج

ٽنڊو مير علي (رپوٽ تقي محمدملاح) ٽنڊو مير علي ڀرسان ڳوٺ دين پور۾قائم ٿيل گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ  معصوم ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور، احتجاج ڪيو ويو، ڳوٺ دين پور جي رهواسين حافظ قمرالدين ملاح، شاهد علي ملاح، سجاد حسين ملاح، حاڪم علي ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيوت مسلسل برساتون پوڻ ڪري اسانجي اسڪول جي ڇت ڪري پئي آھي ۽ اسڪول زبون حال ٿي ويوآھي ۽سمورو فرنيچر ڳري ختم ٿي ويو آهي، هن وقت شاگردن جي ويھڻ لاءِ  ڇا پر استاد جي ويهڻ لاءِ ھڪ ڪرسي به ناهي، اسان جي اسڪول ۾ 4سئو کان وڏيڪ ٻار داخل آھن جنهن کي پڙھائڻ لاءِ صرف هڪ استاد موجود آھي، اسان جا معصوم ٻارڙا هن ايڏي سردي ۾کلي آسمان هيٺ ويهي تعليم پرائي رهيا آھن، هنن مطالب و ڪيو ته اسڪول ۾ سهولتون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.