ڪوٽڙي ۾ميونسپل ڪميٽي آفيس تي اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڇاپو

ڪوٽڙي (ن ع آ )ڪوٽڙي اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ٽيم اسٽنٽ ڊائريڪٽر جان محمد ميمڻ جي اڳواڻي ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي جي آفيس تي اچانڪ ڇاپو ھڻي اڪائونٽ برانچ ۽ ٽئڪس برانچ جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جاچ پڙتال شروع ڪري ڇڏي، جڏھن ته ڇاپي کان ميونسپل جو ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار جتوئي انجنيئر ۽ ٻيو آفيس عملو آفيس مان کسڪي غائب ٿي ويو، اينٽي ڪرپشن عملدارن ايڊمنسٽريٽر سميت مختلف عملي سان فونن تي رابطا ڪندا رھيا پر انھن فن به بند ڪري ڇڏيو جنھن کانپوءِ4 ٻن ڪلاڪن جي جانچ پڙتال بعد اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ڪجھ رڪارڊ تحويل ۾ وٺي حيدرآباد رواني ٿي وئي، ھوڏانھن ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن پوليس اھڙي ڪارروائي ميونسپل جي ترقياتي ڪمن ملازمن جي پگھارن مال پڙي ۽ پڙي ٽيڪس جي ٺيڪن ۾ ڪيل مبينا لکين روپين جي خرد بڙد جي  جاچ لاءِ ڪاروائي ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.