ڏوڪري مان دڪان تان کنڀي گم ڪيل نوجوان آزاد نه ٿيو، وارثن جو ڌرڻو

ڏوڪري ( رپورٽ: مجاهد آفتاب قاضي ) ڏوڪريءَ لڳ ڳوٺ وڪڙو جي رھواسين پيرسن نظام الدين سولنگي، رڪ سنڌي، عمران سولنگي، خالد سولنگي جي امڙ حاڪم زادي ۽ سندس گهرواري اربيلا خاتون سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته نامعلوم سرڪاري پوليس موبائل ۾ سوار هٿياربندن دوڪان تي ويٺل اسان جي نوجوان خالد سولنگي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي،ڏوڪري باقراڻي تعلقي جي ٿاڻن ۽ ٻين هنڌن تي ڳولا ڪئي آهي پر هن وقت تائين سندس جو پتو ناهي پئجي سگهيو ته هن وقت هو ڪهڙي حال ۾ الائي ڪٿي آهي خدارا کيس ظاهر ڪيو وڃي،هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته پنج ڏينهن اڳ خالد حسين سولنگي پنهنجي دوڪان تي ويٺو ھو ته نامعلوم سرڪاري پوليس موبائل تي ھٿيارن جي زور تي کنڀي کڻي ويا آهن.سندس پيرسن والد نظام الدين سولنگي ۽ ٻين سندس وارثن چيو ته ڏوڪري ۽ باقراڻي جي سڀني ٿاڻن تان جاچ ڪئي آهي پر هن وقت تائين سندس ڪو به پتو پئجي ناهي سگهيو خدارا اسان جي نوجوان کي ظاهر ڪيو وڃي ھنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسين مسڪين غريب ماڻهو آھيون اسان جي پٽ کي ظاهر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.