ٽنڊو محمد خان لڳ باهه ٻن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي خاڪ

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر )ٽنڊو محمد خان ويجهو ڳوٺ پير مدار شاهه ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب ٻن پورھيتن بچل ملاح ۽ رمضان ملاح جا گھر سڙي رک ٿي ويا ، گھرن ۾ پيل ھنڌ  بسترا ،کٽون ، ڪپڙا ، ٿانو، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو ، ٻڌايو  پيو وڃي ته ڳوٺاڻي پورهيت بچل ملاح جي ڪجهه ڏينهن اڳ شادي ٿي ھئي ، شادي جو سمورو سامان پڻ باھ سبب سڙي رک ٿي ويو ، ڳوٺاڻن مطابق باھ ايتري تيز ھئي جو صرف جانيون بچائي ٻاھر نڪتاسين ، باھ جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پھچي ويا ، جن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو ، جڏهن ته فائر برگيڊ کي اطلاع ڪيو ويو پر هُو نه پهتي ، جنهن سبب وڌيڪ نقصان رسيو ، باھ سبب متاثر ڳوٺاڻا سخت سيء ۾ کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن. جڏهن ته باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.