غلام الله پوليس جي ڪارروائي، هڪ جوابدار گرفتار، شراب هٿ

غلام الله (ن ع آ) غلام الله پوليس پاران ڪارروائي ڪري هڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوسٽ جي انچارج نجم الدين  بلوچ گشت دوران ڪارروائي ڪندي ھڪ منشيات فروش اشوڪ ڪمار کي گرفتار ڪري وٽانئس وڏي مقدار ۾شراب ھٿ ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽گرفتار منشيات فروش اشوڪ ڪمار کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي ھوڏانھن انچارج پوليس پوسٽ غلام الله نجم الدين بلوچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪنھن به منشيات فروش کي بخش نه ڪيو ويندو، ايس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي ڪاروايون جاري آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.