جروار واسي اغوا ٿيل پورهيت آزاد نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

جروار ( رپورٽ: خالد حسين بوزدار )  پنو عاقل ڀرسان چار ڏينھن اڳ اغوا ٿيل جروار واسي پورھيت عبدالمجيد عرف ڦوٽو گبول ڌاڙيل جي ڇنبي مان آزاد نه ٿي سگھيو ،کين پوليس خاموش ۽ تماشائي بڻيل آھي، ان سلسلي ۾ وارثن توڙي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن محمد شريف گبول ،امام الدين بوذدار ۽ ٻين احتجاج ڪيو ،ان موقعي تي هنن  چيو  ته چار ڏينھن گذرڻ باوجود مغوي بازياب نه ٿي سگھيو آھي، جڏھن ته پوليس سست رفتاري جو مظاھرو ڪندي ڪا به تڪڙي ڪاروائي نه ڪئي آھي، جنھن سان اھو معلوم ٿي سگھي ته پورھيت کي اغوا ڪري ڪھڙي ھنڌ رکيو ويو آھي، مغوي جي پيرسن ماءُ روئي روئي پنھنجا ھيڻا حال ڪري ڇڏيا آھن، پرافسوس جھڙي ڳالھه آھي ته ڪنھن وس واري جي ڪن تي جون به نه ٿي چُري ، ڊي آءِ جي سکر ،ايس ايس پي سکر پورھيت عبدالمجيد عرف ڦوٽو گبول جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آھي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.