ڇاڇرو ۾ عوام کي سستو اٽو نه مليو، 105 ڪلو وڪرو، ماڻهو دربدر

ڇاڇرو(رپورٽ :يعقوب بجير ) ڇاڇري ۾  اٽي چڪي مافيا  سنڌ سرڪار پاران  سستي اٽي واري اعلان کي  ٿُڏي ڇڏيو، ڇاڇري  ۾ اٽي چڪين وارن کي  ٻه ڏينهن اڳ في پٿر تي 100 ٻوري سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ فراهم  ڪرڻ باوجود اٽو 44 سئو کان 48 سئو  روپيا في مڻ وڪرو ڪري رهيا آهن چڪي مالڪن غريب عوام کي  سرڪاري اگهه تي اٽو ڏيڻ کان کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو ، چڪي مالڪن ۽ انتظاميا پاران سرڪاري اگه تي اٽو وڪرو ڪرڻ تي عمل ڪرائڻ بدران عوام کي لولي پاپ ڏئي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪاله اسسٽنٽ ڪمشنر علي حيدر شيخ اٽي جي  چڪين تي وڃي ،ٽن  چڪين چندر مهراج، علي ڪنڀر ۽ ملهار نهڙي جي چڪين کي سيل ڪري  ٻن  چڪي مالڪن ممتاز راهمون، هاشم نهڙي کي گرفتار ڪرڻ  بعد  فوري طور آزاد ڪري سيل ڪيل چڪيون کولي ڇڏيون .اٽي چڪين وارن شهر جون سموريون چڪيون بند ڪري عوام کي اٽو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب  رهواسي سڄو ڏينهن اٽي لاءِ دربدر ٿيندا رهيا .جڏهن  ته شهرين جو چوڻ آهي ته چار ڏينهن اڳ سرڪاري ڪوٽا تحت ڇاڇرو جي اٽي  چڪين کي  سستي اگهھ جي ڪڻڪ ملي آهي ان باوجود  هڪ ڏينهن به سستو اٽو غريب ماڻهن کي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه 75 روپيا ڪلو تي نه ڏنو ويو آهي،نه ئي خوراڪ کاتي پاران سستي اٽي جا اسٽال کوليا ويا آهن،من پسند اگهه تي اٽو وڪرو ڪري رهيا آهن، ٻي طرف چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪوٽا سسٽم بند ڪري ڇڏيو آهي هاڻي سستي اٽي جا اسٽال نٿا لڳائي سگهون ۽ 105 روپيا اٽو ڪلو وڪرو ڪندا سون،غريب ماڻهن ۽ مزدورن سنڌ سرڪار ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته چڪي مالڪن جي هڪ هٽي ختم ڪري سرڪاري اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ جا پابند  بڻائي غريب ماڻهن کي سستو اٽو فراهم ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.