شيخ ڀرڪيو پوليس جي ڪارروائي، ٽرانسفارمر چوري ۾ ملوث گينگ گرفتار

شيخ ڀرڪيو (ن ع آ) شيخ ڀرڪيو  پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي  ٽرانسفارمر چوري ۾  ملوث  گينگ  ۾ هڪ  ٽريفڪ  پوليس اهلڪار  محمد سليم ملڪ  سميت رسول بخش ماڇي دوست علي ماڇي نواب  چانگ علي غلام ماڇي کي  گرفتار ڪري ورتو آھي جڏهن ته شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي  ٽرانسفارمر چوري جي الزام هيٺ گرفتار جوابدارن مٿان ٻه  ڌار ڌار  ڪيس داخل ڪياويا آھن ، پوليس موجب گرفتار جوابدارن پڻ ٽرانسفامر چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آھي  گرفتار جوابدار شيخ ڀرڪيو ٿاڻي سميت  ٻين  ٿاڻن جي حدن  مان بجلي جا ٽرانسفارمر لاهي ان مان تيل ۽ ڪوئلون ڪڍي وڪرو ڪندا هئا شيخ ڀرڪيو پوليس موجب گرفتار جوابدارن کان تفتيش جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.