مختياڪار ماتلي پاران دڪانن تي ڇاپا، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو چتاءُ

راجوخاناڻي(ن ع آ﴾ ماتلي تعلقي ھيڊڪوارٽر جي مختيارڪار زوھيب ميمڻ کاڌي پيتي جي شين اٽي جي اگھن بابت سرڪاري حڪمن تي  عمل ڪرائڻ جي لاءِ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ واسطي ماتلي سميت تعلقي جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو ڪري دڪاندارن اٽي چڪي مالڪن سميت کاڌي پيتي جي شين جي سمورن ننڍن وڏن دڪانن تي چڙهي ريٽ لسٽون چيڪ ڪيون ۽ اتي موجود ماڻهن کان معلومات پڻ ورتي ۽ اٽي جي چڪين جو پڻ دورو ڪيو انھي موقعي تي مختيار ڪار ماتلي زوھيب ميمڻ دڪاندارن کي سخت وارننگ ڏني ته جيڪڏهن ڪنهن به دوڪاندار واپاري ھٿڙادو مھانگائي ڪئي ء شين جي ذخيراندوزي ڪئي تہ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي سرڪاري اگھن تي عمل ڪيو وڃي عوام کي کپي ته آھي شڪايت ڪري نشاندهي ڪن دڪاندارن خلاف ڪارروائيون ڪيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.