سمنڊ ڪناري فشريز کاتي جي املھه زمين تي قبضي وارو معاملو

تحرير: يوسف سيف

فشريز کاتي سنڌ حڪومت جي سمنڊ ڪناري تي ڪروڙين رپين جي پراجيڪٽ لڳ صوبائي اسيمبلي جي ھڪ ميمبر پاران ڪيل قبضي سبب پروجيڪٽ جي بند ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي،اداري جي ڪيل دانھن تي  سرڪار جي اختيارين ڪو بھ جوڳو قدم نھ کنيو آهي.

فشريز کاتي پاران اھڙي قبضي روڪڻ جي لاءِ اعليٰ آفيسرن سان ڪيل لکپڙھ باوجود پراجيڪٽ واري ھنڌ وٽ قبضي ڪندڙ ڌرين جو غيرقانوني  اڏاوتي ڪم جاري آھي،جنھن ڪري ھي ناياب پراجيڪٽ  بند ٿي سگھي ٿو.

فشريز کاتي جي ڪيل لکيل  پڙھ موجب ،کاتي ھاڪس بي تي سمنڊ ڪناري  اٽڪل ٻھ ھزار چوس وال زمين ،تڏھوڪي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي کان .شيل فش، فن فش ۽ جھينگن جي افزائش جي لاءِ 2002 ۾ حاصل ڪئي ، جنھن تي فشريز کاتي ” سيڊ پراڊڪشن يونٽ ھاڪس بي“ تعمير ڪيو ھو،ان مقصد جي لاءِ زمين لازمي طور تي سمنڊ ڪناري گھربل ھئي، جئين اتي جھينگن جي لاءِ سمنڊ مان پاڻي بھ حاصل ڪري سگھجي.ان مقصد جي لاءِ معياري پائپ لڳائي ان سان پاڻي جي رسد کي ممڪن ڪيو ويو، پراجيڪٽ غيرملڪي امدا د واري ناڻي  سان تعمير ڪرايو ويو ھو، جنھن تي ڪروڙين رپين جي لاڳت آئي ھئي،گڏوگڏ  اھو ملڪ ۾ پنھنجي نوعيت جو ھڪ ناياب پراجيڪٽ آھي،جتي يونيورسٽي جي شاگردن کي جھينگن جي افزائش بابت تعيلم پڻ ڏني ويندي آھي.ان لحاظ سان ھي ھڪ معياري پراجيڪٽ پڻ آھي.

پراجيڪٽ واري اڏاوت ۽ سمنڊ وچ ۾ باقي بچيل زمين پڻ فشريز کاتي پاران ورتي وئي .جتي بعد ۾ پراجڪيٽ کي وڌيڪ توسيع ڏني وئي، جيڪا پڻ ڪي ايم سي ،کاتي کي الاٽ ڪري ڏني ھئي.جڏھن تھ ان پرجيڪٽ جي بيڪ سائيڊ تي سمنڊ طرف اسپيس خالي ڇڏيو ويو اها ان پراجڪيٽ جي گھرج ھئي.

ھڪ دور ۾ان ھنڌ پراجيڪٽ جي پاسي سان  ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ ھاڪس بي،تاجدارحسين  جي مدد سان ڪنھن نامعلوم شخص اتي سمنڊ ڪناري تي اڳ ۾ جڙيل ٻن ھٽن جي وچ ۾، خالي پيل زمين تي اڏاوت ڪئي، جنھن سان جھينگن واري پراجيڪٽ کي سمنڊ مان ملندڙ پاڻي وارا پائپ ڀڄڻ  ڪري فشريز کاتي کي لکين رپين جو نقصان پھتو ھو، ذڪر ڪيل زمين ھٽ نمبر 10 ون اي ۽ 11 ون اي وچ ۾ واقع ھئي.پراجڪيٽ جي اھيمت کي نظر ۾ رکندي فشريز کاتي لکين رپيا خرچ ڪري  نئين سري سان پائپ وڇائڻ جو ڪم ڪرايو.

ھڪ ايم پي اي،نالي محمدجاويد حنيف خان ( جنھن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آھي) اهو ان ھٽ بابت مالڪي جي دعويٰ ڪري رھيو آھي، جنھن وري اتي تعميراتي ڪم شروع ڪري فشريز کاتي جي ان پراجيڪٽ کي ناقابل تلافي نقصان پھچايو آھي،جنھن ڪري سمنڊ واري پاڻي جا پائپ ڀڄي پيا آھن، اھڙو ڪيس لاڳاپيل ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڏني وئي آھي.

ھڪ اعليٰ قسم جي ريسرچ ۽ ٽريننگ فراھم ڪندڙ پروجيڪٽ تي ٿيل اھڙي قبضي بابت فشريز کاتي سنڌ سرڪار سان لکپڙھ ڪئي آھي، پر ان جو تاحال ڪو کڙ تيل نھ نڪتو آھي، جيڪڏھن سنڌ حڪومت پاڻ ئي غير ملڪي امداد سان جڙيل اھڙي پراجڪيٽ جي مالڪي نھ ڪندي تھ ان سان ھڪ وڏو نقصان ٿي ويندو ۽ اھو پروجيڪٽ بند ٿي سگھي ٿو.نھ رڳو ايترو پر مستقبل جي شاگردن جي ريسرچ واري عمل کي پڻ نقصان رسندو، جنھن جي ڀرپائي شايد نا ممڪن ھجي.

سياسي، سماجي حلقن پاران سنڌ سرڪار جي ھڪ ناياب پروجيڪٽ ڏانھن اھڙي روش تي حيرت جو اظھار ڪيو ويو آھي،اھا ڪيڏي نھ ستم طريفي آھي جو سرڪار جي ناڻي کي ڪيتري بي دردي سان لٽايو پيو وڃي ۽ وري بااختيار ڌريون ان تي ڪو جوڳو قدم کڻڻ جي لاءِ بھ تيار نھ آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.