استادن جي بايوميٽرڪ ڊجيٽل نظام ۾ مونجهارا ۽ پ ٽ الف جو بائيڪاٽ

تحرير: گلشن چانڊيو

تعليم کاتي طرفان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي نظام بهتر ڪرڻ لاءِ   بايو ميٽرڪ نظام آندو ويو، جيڪو ڪجهه  سالن کان هلي رهيو آھي جنهن کي استادن ڀليڪار ڪيو. ڇو ته استادن جو ڪم اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ آهي ۽ پڙهائيندڙ استاد آخرڪار مانيٽرنگ کان ڇو ڪيٻائيندو ؟ استادن جي حاضري کي چيڪ ڪرڻ لاءِ  بايو ميٽرڪ اسسٽنٽ مقرر ڪيا ويا آهن  جيڪي هر مهيني استادن جي حاضري چيڪ ڪن ٿا ۽ بايو ميٽرڪ مشين ذريعي استادن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي ٿو جيڪو بهتر عمل آهي، پر انهي ۾ ڪجهه  ڏکيائون درپيش آهن ان خدشي هميشه استادن کي پريشان ڪيو آهي جيڪڏهن هڪ استاد پنهنجي ڪنهن اسڪول مان بدلي ڪرائڻ چاهي ٿو ته ان جي بدلي تمام گهڻي ڏکي ۽ مسئلو بڻيل آهي. جيڪڏهن هڪ استاد کي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر يا ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بدلي ڪري ٿو ته ان بدلي ٿيل ۽ مجاز آفيسر جي ٽرانسفر ليٽر سان گڏ استاد جي بايوميٽرڪ به تبديل ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن ڪنهن استاد کي ايجوڪيشن آفيسر بدلي ڪري ٿو پر بايوميٽرڪ ساڳئي اسڪول تي هجي ٿي جتان هو بدلي ٿيو آهي ته پوءِ  استاد ذھني طور پريشان ٿئي ٿو ته استاد جي پوسٽنگ هڪ اسڪول ۾ آھي ۽ بايوميٽرڪ ٻئي اسڪول ۾ هجي ته اهڙو استاد بايوميٽرڪ ۾ غير حاضر ٿيندو ۽ بايوميٽرڪ ۾ غير حاضر ٿيندڙ استاد کي  شوڪاز نوٽيس ملي يا ان کي گهوسٽ ٽيچرس جي لسٽ ۾ داخل ڪجي يا ان کي ڪو ٻيو نالو ڏجي ته يقينن استاد ذھني پيڙائن جو شڪار ٿيندو ۽ ڪافي استادن کي ماضي ۾ اهڙا شوڪاز نوٽيس مليا آهن  ته اوهان مسلسل اسڪول کان غيرحاضر آهيوته استاد پريشان ٿيندو ته هڪ اسڪول ۾ ڊيوٽي ڏيان ٿو ته غيرحاضر ڇو ٿيس؟ جنهن اسڪول ۾ پوسٽنگ اٿس ته اتي وري بايوميٽرڪ ڪونهي ته اهڙن مونجهارن سبب استاد ذھني اذيتن جو شڪار ٿئي ٿو ۽ بايوميٽرڪ تبديل ڪرائڻ لاءِ  ڪراچي آفيس جا چڪر هڻي هڻي استاد ٿڪجي پوي ٿو پر بايوميٽرڪ تبديل نه پئي ٿئي.

حقيقت ۾ اڄڪلهه ڪمپيوٽر جو زمانو آهي ۽ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته جيئن استاد جي بدلي جو آرڊر تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ڪڍي ٿو ته ان جي ڪاپي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سميت ڊائريڪٽر ايجوڪيشن، بايوميٽرڪ چيف ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت سڀني ذميوار ۽ واسطيدار آفيسرس کي ان جي ڪاپي ملي ٿي ته پوءِ  بايو ميٽرڪ ازخود تبديل ٿيڻ کپي، سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ وزيرتعليم کي انهي جو نوٽيس وٺڻ کپي ته بايوميٽرڪ کي سولو ۽ آسان ڪيو وڃي ۽ استاد  بايوميٽرڪ لاءِ  ڪراچي آفيس جا چڪر ڇو لڳائي؟ ، وري حڪومت سنڌ اهو اعلان ڪيو ته روزانو جي بنياد تي حاضري چيڪ ڪرڻ لاءِ  هر اسڪول جي هيڊماستر کي بايوميٽرڪ ڊوائيس ڏني ويندي پر ان تي به عمل نه ٿي سگهيو ۽ وري هڪ ٻيو تجربو استادن کي پريشان ڪرڻ لاءِ  ٿي رهيو آهي ۽ تعليم کاتي اهو اعلان ڪيو ته هاڻي استادن جي حاضري پنهنجي موبائل تان ورتي ويندي جنهن لاءِ  ستن ضلعن ۾ استادن جي موبائل ۾ اهڙي ايپليڪيشن انسٽال ڪئي وئي آهي ته جيئن استاد جي پنهنجي موبائل تان بايوميٽرڪ ڪئي وڃي ۽ تجرباتي طور في الحال سنڌ جي ستن ضلعن ۾ شروعات ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ  هڪ ڏينهن جي ٽريننگ پڻ ڪرائي وئي آھي جڏهن ته موبائل ۾ هڪ سافٽ ويئر پي ايم ايس سنڌ (پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سسٽم) نالي سان متعارف ڪرايو ويوآهي ۽ اهڙي سافٽ ويئر جي مدد سان  استاد جي اسڪول جي لوڪيشن گوگل ميپ ذريعي معلوم ڪئي ويندي ته استاد اسڪول ٽائيم تائين اسڪول ۾ موجود آهي يا ناهي ۽ استاد کي اسڪول ۾ پهچڻ وقت پنچ ان ڪرڻو آهي ۽ موڪل وقت پنچ آئوٽ ڪرڻو آهي پر ڪجهه  ٽيڪنيڪل خرابين ۽ نيٽ ورڪ جي خرابي سبب نه پنچ ان ٿئي پيو ۽ نه وري پنچ آئوٽ ٿئي پيو،شهر جي اسڪولن ۾ نيٽ ورڪ جي حالت اها آهي ته ٻھراڙي جي ڏورانهين اسڪولن ۾ نيٽ ورڪ  جي ڇا حالت هوندي ۽ اتي نيٽ ورڪ ڪيئن ڪم ڪندو؟

سنڌ جا هزارين استاد اسڪول ۾ حاضر هئڻ باوجود هن سافٽ ويئر جي ٽيڪنيڪل غلطين سبب غيرحاضر ٿيندا جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه  آهي پر ڇا اسڪولن کي وزٽ ڪرڻ ۽ استادن کي ڊيوٽين جو پابند ڪرڻ جا ٻيا طريقا ناهن ؟ پراڻي زماني کان  وٺي  اسڪول وزٽ ڪرڻ لاءِ  سپروائيزر ۽ ريسورس پرسن مقرر ڪيا ويندا هئا،  جيڪي اسڪول ورڪ پلان مطابق وزٽ ڪندا هئا ۽ سالياني امتحان وٺڻ لاءِ  شاگردن کان تحريري ۽ زباني امتحان وٺندا هئا ۽ اهو سسٽم خراب نه هو پر ان کي به هٿ سان خراب ڪيو ويو. جڏهن سرڪاري اسڪولن کي اين سي ايڇ ڊي ۽ ٻين اين جي اوز جي حوالي ڪيو ويو ۽ اهڙي رپورٽ ورتي وئي ته فنڪشنل ۽ نان فنڪشنل اسڪولن جي انگن ۽ اکرن ۽ معيار ۾ خرابيون هيون پر سسٽم کي بهتر ڪري سگهجي پيو پر ايترن ادارن جي مانيٽرنگ ڪرڻ کانپوءِ  به خاطر خواه رزلٽ نه ملي ۽ تعليم ۾ سڌارا نه اچي سگهيا. اهو هڪ سواليه نشان آهي ته تعليم کاتي جي سپروائيزرن ڪا سٺي رزلٽ نه ڏني جن کي هٽايو ويو پر ڇا اين جي اوز ۽ اين سي ايڇ ڊي اسڪولن ۾ ڪو انقلاب آڻي سگهيون، جڏهن ادارن جو مانيٽرنگ سسٽم ڪمزور هوندو ۽ ادارا پنهنجي رسمي طور ۽ ڏيکاءُ لاءِ  پيپر ورڪ ۾ ڪوالٽي ايجوڪيشن ۽ ڊراپ آئوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ جهڙيون دعوائون ڪندا ته انجو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي ، ڇا انهن نام نهاد لوڪل اين جي اوز ۽ نيم سرڪاري ادارن جي تعليم بابت جاڳرتا ،ريليون،سيمينار ڪا رزلٽ ڏئي سگهيا؟ جيڪڏهن اهي ادارا به فيل ٿي ويا ته پوءِ  ايتري اسٽاف سيڙائڻ ،انهن جا غيرضروري خرچ ڀرڻ جو مقصد ڇا ؟ جڏهن حڪومت کي اين جي اوز ۽ نيم سرڪاري ادارن طرفان اها رپورٽ ملي ته تعليم کاتي جا سپروائيزر غلط انگ اکر ڏين ٿا ۽ استادن کي ويزا تي ڇڏين ٿا ته پوءِ  تعليم کاتي سپروائيزرن کان اسڪولن جي چارج واپس ورتي ۽ سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ گزيٽيڊ آءِ بي اي هيڊماستر مقرر ڪيا جيڪو بهتر عمل آهي ۽ انهن اسڪولن جي رزلٽ سٺي آهي پر انهن کي ڪانٽريڪٽ تي هلايو ٿو وڃي ۽ نوجوان ھيڊماسترن کي ريگيولر نٿو ڪيو وڃي جيڪي پريشاني ۾ زندگي گذارين ٿا ۽ انهن جي مٿان ڪانٽريڪٽ جي تلوار لٽڪيل آهي , بايوميٽرڪ تي ڪنهن به استاد کي اعتراض ناهي پر نيٽ ورڪ جي خرابي سبب هي سافٽ ويئر فيل ٿي چڪو آهي جنهن لاءِ  استادن جي تنظيم پ ٽ الف مرڪز طرفان اهڙي بايوميٽرڪ جي مخالفت ڪئي وئي  آهي ۽ استاد تنظيمي بائيڪاٽ سبب موبائل ذريعي اٽينڊس نه پيا ڏين  جيڪا ڪيترن ئي مونجهارن جو شڪارآهي پر سوال آهي ته ڇا استاد جي حاضري چيڪ ڪرڻ لاءِ  ٻيا طريقا ناهن،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.