ايم ڪيو ايم باني واڳون سنڀاليندو، ڪراچي ۾ ٻيهر الطاف حسين جا نعرا هوندا !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ ماضي ۾ منظم رهي  آهي ۽ هاڻي چون  ٿا ته ايم ڪيو ايم جو باني الطاف حسين ٻيهر قيادت ڪري پارٽي کي منظم ڪري ڇڏيندو.

ڪجهه ڏينهن کان ايم ڪيو ايم پاڪستان جون سرگرميون اتحاد تي زور ڏيڻ لاءِ جاري آهن، ايم ڪيو ايم جا سمورا ڌڙا هڪ ٿيندي نظر اچي رهيا آهن.

ڪراچي مان هاڻي ٻيهر سڀني پارٽين کي ڌڪ ڏيڻ لاءِ ڊگهي وقت کان حڪمت عملي طئي ڪئي وئي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته ان جو ٽوڙ نڪرڻ وارو آهي.

اهي به ڳالهيون هيون ته متحده باني جي ڌيءُ پارٽي سنڀالڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي.

ان ڏس ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ رابطا ڪاميٽي ميمبرن جون ملاقاتون ٿيون آهن جن گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

امڪاني طور تي اهو سڀ ٻيهر ڀائي جي قيادت ۾ هلڻ جو عزم ورجايو ويو آهي.

ڏٺو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي هميشه اتحادي پارٽيون رهيون آهن ۽ ممڪن  آهي ته ٻئي پارٽيون ٻيهر هڪ ٻئي سان گڏجي هلن.

ذريعن جي دعويٰ آهي ته الطاف حسين جي ڪيس جي حوالي سان اهم خبر اچڻي آهي جنهن کانپوءِ ميڊيا توڙي هر پاسي ٻيهر الطاف حسين هوندو ۽ تحريڪ انصاف ماضي بڻجي ويندي.

ان کان اڳ عوامي آواز ڪجهه مهينا اڳ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ۾ اتحاد ۽ ڪيسن جي حوالي سان رپورٽ ڪندي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.