اي سي سي سنڌ جي ٻوڏ متاثر هارين لاءِ امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ مرمتي ڪم لاءِ 85 ڪروڙ رپين جي واڌو فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ناڻي بابت وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 8 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.

پڌرائيءَ موجب اي سي سي سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ مرمتي ڪم لاءِ 85 ڪروڙ رپين جي واڌو فنڊن جي منظوري ڏني.

اي سي سي سنڌ جي ٻوڏ متاثر هارين لاءِ 8 ارب 39 ڪروڙ رپيا امداد جي منظوري به ڏني، ٻوڏ متاثر هارين کي امداد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ صحت واري وزارت جي سمري تي هڪ دوا جي قيمت ۾ واڌ جي منظوري پڻ ڏني وئي.

اي سي سي پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي کي مالي طور خود مختيار بڻائڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني، ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ اداري جي ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي جي منظوري ڏني ويندي.

اي سي سي اسلام آباد جي آءِ 10 مرڪز ۾ آپگهاتي حملي جي شهيدن جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا مالي امداد جي منظوري به ڏني.

اقتصادي رابطا ڪميٽي طرفان ڪڻڪ جي درآمد کان اڳ معائني لاءِ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان لاءِ 6 عالمي انسپيڪشن ڪمپنين جي منظوري به ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.