عمر وڌڻ سان هڏن کي مضبوط رکڻ انتهائي اهم هوندو آهي ۽ سٺي ڳالهه اها آهي ته هڏن جي صحت جو خيال رکڻ تمام آسان آهي.
بس اسان کي پنهنجي غذا ۾ ڪجهه اهڙا ميوا شامل ڪرڻا پوندا، جيڪي هڏن کي مضبوط رکڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
خشڪ آلو بخارا
خشڪ آلو بخارن ۾ ڪيترائي وٽامنز ۽ منرلز موجود هوندا آهن، جيڪي هڏن لاءِ اهم هوندا آهن، هي ميوو ورم جو مقابلو به ڪندو آهي، جنهن سان هڏن جي صحت بهتر ٿيندي آهي.
پپيتو
جسم ۾ وٽامن ڪي جي کوٽ سان هڏن جي ڪمزوري ۽ فريڪچر جو خطرو وڌي ويندو آهي پر هي ميوو ان وٽامن کي حاصل ڪرڻ جو سٺو ذريعو آهي، اهو ميوو کائڻ سان جسم ۾ ڪيلشيم جذب ٿيڻ جي سطح بهتر ٿيندي آهي.
اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ڪيلشيم سان هڏا مضبوط ٿيندا آهن.
گريپ فروٽ
گريپ فروٽ جهڙن کَٽَن ميون ۾ وٽامن سي وڏي مقدار ۾ هوندي آهي، وٽامن سي عمر وڌڻ سان هڏن جي سائز ۾ ايندڙ گهٽتائي جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.
هڪ گريپ فروٽ ۾ 88 ملي گرام تائين وٽامن سي ٿي سگهي ٿي، جيڪا سڄي ڏينهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
انجير
انجير به هڏن کي مضبوط بڻائيندڙ ميوو آهي، تازي انجنير ۾ ڪيلشيم ۽ ٻيا اهم غذائي جُز جهڙوڪ پوٽاشيم ۽ ميگنيشيم موجود هوندا آهن، جسم ۾ ميگنيشيم جي کوٽ سان هڏن جي صحت متاثر ٿيندي آهي، جڏهن ته پوٽاشيم تيزابيت کي ڪنٽرول ڪندو آهي، جنهن سان هڏن جي ڪيلشيم ۾ گهٽتائي ناهي ايندي.
ڪيلا
ڪيلا به ميگنيشيم ۽ پوٽاشيم حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن، روز هڪ ڪيلو کائڻ سان به هڏن کي مضبوط رکڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.