اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، اياز صادق، سعد رفيق، پ پ اڳواڻ سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم به موجود هئا.
ان موقعي تي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن سميت سياسي چئلينجن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ چيو ويو ته اتحادي جماعتون گڏيل اتفاق ۽ اتحاد سان سڀني چئلينجن جو مقابلو ڪنديون.