غريب جي سواري موٽر سائيڪل هزارين رپيا مهانگي!

 

سوزوڪي پاڪستان موٽر سائيڪلن جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي.

ملڪ ۾ گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون ٺاهيندڙ بهترين ڪمپني سوزوڪي پاڪستان گذريل ڏينهن گاڏيون مهانگيون ڪيون هيون ۽ اڄ 25 جنوري تي موٽر سائيڪلن جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، نوان اگهه پهرين فيبروري کان لاڳو ٿيندا.

سوزوڪي جي ڊي 100 ايس ۽ جي ايس 150 سي سي موٽر سائيڪلون 20 هزار رپيا، جڏهن ته جي ايس ايڪس 125 ۽ جي آر 150 سي سي وڌيڪ 25 هزار رپيا مهانگيون ٿي ويون آهن.

اگهه وڌڻ کانپوءِ جي ڊي 100 ايس جي قيمت 2 لک 64 هزار، جي ايس 150 سي سي جي قيمت 2 لک 86 هزار، جي ايس ايڪس 125 جي قيمت 3 لک 84 هزار ۽ جي آر 150 سي سي 4 لک 10 هزار رپين جي ٿي ويندي.

سوزوڪي پاڪستان موٽر سائيڪلن جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب ڪچو مال مهانگو ٿيڻ ۽ ڊالر جي قدر ۾ واڌ کي قرار ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.