”سدائين عورت کي ئي خاندان جي عزت ۽ غيرت سمجهيو ويندو آهي“

 

من موهڻي اداڪارا مايا علي تازو بلال اشرف سان گڏ هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي عورتن جي حقن تي ڳالهائيندي هن چيو ته عورت کي آزادي ناهي ڏني ويندي، سدائين ان کي ئي فيملي جي عزت ۽ غيرت سمجهيو ويندو آهي.

انٽرويو جو ڪجهه ڪلپس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ مايا علي عورتن جي حقن سميت مختلف موضوعن تي ڳالهائي رهي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو ڪنهن ڇوڪريءَ سان دوستي ڪري ته اسان چونداسين واهه واهه ان جي پسند آهي، جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ائين ڪري ته اسان ان کي ئي پسند نه ڪنداسين، ڀاءَ جي گرل فرينڊ سٺي ۽ عزت واري هوندي پر ڇوڪري جي پسند تي غيرت اچي ويندي آهي، مطلب عورت ئي گهر جي عزت ۽ غيرت آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان عورت کي آزادي ناهيون ڏيندا، جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري کي طلاق ٿي وڃي ته مالڪن کي ان جي شڪل ناهي وڻندي ۽ اهي ئي کيس مهڻا ڏيندا آهن.

واضح رهي ته مايا علي ۽ بلال اشرف جلد ڊرامي سيريل ”يون هي“ ۾ نظر ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.