ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتي، فائرنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث لياري گينگ وار جي هڪ اهم جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس ذريعن موجب جوابدار اويس بلوچ پٽ اسماعيل سنگهو لائن جو رهواسي ۽ گينگ وار سربراهه عزير بلوچ جو ويجهو ساٿي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار گينگسٽر اويس جو نالو سنڌ پوليس جي ريڊ بڪ ۾ به شامل آهي.
پوليس ذريعن موجب جوابدار ڪراچي آپريشن دوران ٻاهرئين ملڪ فرار ٿي ويو هو، جنهن کي ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار کان جاچ جاري آهي.