ڪراچي ۾ برقعو پاتل عورتون اهڙي ڪم ۾ ملوث نڪتيون جو سڀ پريشان ٿي ويا!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايسٽ جي ٽيپو سلطان پوليس هڪ ڪارروائي دوران برقعو پاتل عورت کي گرفتار ڪري وٽانئس 3 ڪلو گرام کان وڌيڪ منشيات هٿ ڪري ورتي.

ايس ايس پي ايسٽ عبدالرحيم شيرازي موجب ناهيد جي گرفتاري پي اي سي ايڇ سوسائٽي بلاڪ 6 ۾ چنيسر هالٽ ريلوي ڦاٽڪ وٽان عمل ۾ آئي، هوءَ مختلف علائقن ۾ منشيات سپلاءِ ڪرڻ ۾ ملوث رهي آهي.

ايس ايڇ او ٽيپو سلطان عظميٰ خان ٻڌايو ته گرفتاري وقت جوابدار عورت منشيات سپلاءِ ڪرڻ وڃي رهي هئي، سندس قبضي مان ساڍا 3 ڪلو گرام چرس هٿ آيو.

هن ٻڌايو ته گرفتار جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ منشيات سپلاءِ جي ڌنڌي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي عورتون ملوث آهن، جيڪي برقعو پائي اهو ڪم ڪنديون آهن، جڏهن ته دلشاد عرف مامي نالي عورت ان گروهه جي سربراهه آهي.

پوليس موجب برآمد ٿيندڙ چرس دلشاد عرف مامي جي اڏي لاءِ سپلاءِ ٿي رهيو هو، جوابدار عورت خلاف ڪيس داخل ڪري کيس جاچ شعبي حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.