شاگردياڻي تي تشدد، نجي اسڪول جي رجسٽريشن معطل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) شاگردياڻي تي تشدد جو واقعو پيش اچڻ تي لاهور جي نجي اسڪول جي رجسٽريشن معطل ڪئي وئي آهي.

نجي اسڪول جو مالڪ ۽ پرنسپال ڊي سي لاهور محمد علي سامهون پيش ٿيا، جنهن دوران ڊي سي لاهور انڪوائري رپورٽ جي سفارشن تي ڌرين جي دليل ٻڌا ۽ ايندڙ ٻڌڻي تائين نجي اسڪول جي رجسٽريشن معطل ڪري ڇڏي.

رجسٽريشن معطلي دوران معاملا سي اي او ايجوڪيشن کي ڏسڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول انتظاميا کي ايندڙ ٻڌڻي تي انڪوائري رپورٽ جي سفارشن بابت پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ان سان گڏوگڏ شاگردياڻين جي والدين کي به لکت جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.