ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اليڪشن ڪميشن سياستدانن جي بيانن تي پرچا ڪٽرائي رهي آهي، اهڙن قدمن سان اليڪشن ڪميشن جي رهيل ساک کي به نقصان پهچندو.
الیکشن کمیشن اتنا چھوئی موئی ہے کہ سیاستدانوں کے دئیے گئے بینات پر پرچے کراتا پھر رہا ہے۔ ایسے اقدامات سے اُس کی رہی سہی ساکھ کو بھی نقصان پہنچے گا۔ جب خود توہین الیکشن کمیشن کے اختیارات ہیں تو پولیس کے ذریعے گرفتاری کیوں؟ کیا اب الیکشن کمیشن بھی حساس ادارہ گنا جائے گا؟
— Mustafa Nawaz Khokhar (@mustafa_nawazk) January 25, 2023
هن چيو جڏهن پاڻ توهين اليڪشن ڪميشن جا اختيار آهن ته پوليس ذريعي گرفتار ڇو؟ ڇا هاڻ اليڪشن ڪميشن کي به ڳجهو ادارو ڳڻيو وڃي؟