فواد چوڌري جي ڀاءَ جي ضمانت منظور، آزادي جو حڪم

 

جهلم (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ فواد چوڌري جي ڀاءُ فراز چوڌري جي ضمانت منظور ٿي وئي.

جهلم ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ٽي روڊ تي احتجاج ڪيو، جنهن ۾ فواد چوڌري جو ڀاءُ مراز چوڌري ۽ اڳوڻو ايم پي اي چوڌري ظفر به موجود هو.

پوليس احتجاج واري هنڌان فراز چوڌري کي گرفتار ڪيو هو، هاڻ ان جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.

علائقائي مئجسٽريٽ وقاص ورائچ فراز چوڌري جي آزادي جا حڪم جاري ڪيا.

واضح رهي ته فواد چوڌري جو ڀاءُ فراز چوڌري پارٽي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري به آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.