نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان کي شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ايس سي او اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي شرڪت جي دعوت ڏني آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس هلندڙ سال مئي ۾ ڀارتي شهر گوا ۾ ٿيندو.
هوڏانهن ان معاملي تي اڃا پاڪستان ردعمل جو اظهار ناهي ڪيو.