اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ واڌو 14 ارب گهري ورتا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي خالي سيٽن سميت عام چونڊن لاءِ واڌو گرانٽ گهري ورتي.

اليڪشن ڪميشن طرفان ناڻي واري وزارت کي هڪ درخواست ڏني وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊن جا خرچ 47 ارب رپين کان وڌي 61 ارب رپين تائين پهچي چڪا آهن، عام چونڊن لاءِ 14 ارب رپين جي واڌو گرانٽ گهربل هوندي.

درخواست موجب پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جي چونڊن لاءِ منظور ٿيل 47 مان 25 ارب رپيا فوري طور گهربل آهن، 5 ارب رپيا اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 25 ارب مان رهيل 20 ارب رپيا به فوري طور جاري ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.