دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل مينز ۽ وومينز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سال جي بهترين ڪرڪيٽر سوريا ڪمار ياديو کي قرار ڏنو.
ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو گذريل دوران ايڪٽيهه ميچن ۾ 46 ڏهائي 56 جي ايوريج ۽ 187 ڏهائي 43 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان يارنهن سئو چوهٺ رنسون اسڪور ڪيون.
سوريا ڪمار مختصر فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۾ سال دوران 68 ڇڪا هنيا، جيڪو ڪنهن رانديگرن طرفان هڪ سال دوران هنيل ڇڪن جو سڀ کان وڌيڪ انگ آهي.
ٻئي پاسي آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ آف دي ايئر جو اعزاز آسٽريلوي رانديگرياڻي تاهليا ميڪ گرا ماڻي ورتو.
تاهليا ميڪ گرا گذريل سال 16 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 62 جي ايوريج سان 435 رنسون اسڪور ڪيون، انکانسواءِ هن مختصر فارميٽ ۾ پنهنجي بالنگ ذريعي 13 شڪار پڻ ڪيا.