ٽوئيٽر طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ فاريو ٽيب کي باءِ ڊيفالٽ فيڊ بڻايو ويو هو.
پر هاڻ ڪمپني يوٽرن وٺندي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي ويب روجن ۾ الگورٿم تي ٻڌل فاريو ٽيب کان پاسو ڪرڻ وارو آپشن واهپيدارن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ان تبديلي ذريعي اهڙن واهپيدارن کي خوشي سان گڏوگڏ سولائي پڻ ٿيندي جيڪي ڪمپني جي اهڙي عمل جي شڪايت ڪري رهيا هئا ته هر دفعي سروس استعمال ڪرڻ تي سندن ٽائيم لائين تي الگورٿم ٽائم لائين اوپن ٿئي ٿي.
تيرنهن جنوريءَ تي ٽوئيٽر طرفان فاريو ۽ فالوونگ تي ٻڌل ڊوئل ٽائيم لائين اَپ ڊيٽ کي ويب ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.
ويهه جنوري تي ڪمپنيءَ فاريو ٽيب کي ويب ورجن ۾ ڊيفالٽ فيڊ بڻائي ڇڏيو، جنهن جو مطلب آهي ته ٽوئيٽر اوپن ڪرڻ يا پئج ريفرش ڪرڻ تي فاريو ٽيب سامهون اچڻ.
پر ڪمپني ان ڏس ۾ هڪ نئين اَپ ڊيٽ ڪئي آهي ۽ هاڻي جيڪڏهن ڪو واهپيدار فاريو بدران فالوونگ ٽيب اسڪرولنگ ڪندي پئج بند ڪري ٻيهر کولي ٿو يا ريفريش ڪري ٿو ته سندس اسڪرين آڏو فالوونگ ٽيب ئي کولندي.
Were any of you (all of you) asking for your timeline to default to where you left it last?
Starting today on web, if you close Twitter on the “For you” or “Following” tabs, you will return to whichever timeline you had open last. iOS and Android coming soon! https://t.co/uKz9DpNRux
— Twitter Support (@TwitterSupport) January 24, 2023
ڪمپني طرفان جلد اِها اَپ ڊيٽ آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ايپس لاءِ به متعارف ڪرائي ويندي.
واضح رهي ته ٽوئيٽر جا ڪيئي واهپيدار ان سروس کي ٿرڊ پارٽي ٽوئيٽر ايپس ۾ استعمال ڪندا هئا ۽ کين الگورٿم فيڊ جو منهن ڏسڻو پوندوهو.
پر ايلون مسڪ جي ڪمپني ٿرڊ پارٽي ايپس جي استعمال تي ئي پابندي مڙهي ڇڏي جنهن بعد واهيپدارن وٽ ٽوئيٽر جي آفيشل ايپ يا ويب ورجن کي استعمال ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي رهيو.
اهو پهريون ڀيرو نه آهي آهي جڏهن ٽوئيٽر پنهنجي ڪيل فيصلي تي يوٽرن ورتو آهي.
ان کان اڳ به ڪمپني نومبر ۾ ٽوئيٽر جي بليو پروگرام واري مامري تي يوٽرن ورتو هو، وري ڊسمبر ۾ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي لنڪس پوسٽ ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي واپس ورتو ويو هو.