” جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو ان تي فخر آهي، نيلسن منڊيلا تي به اهڙو ئي ڪيس هو“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي منهنجي عدالتي ۾ پيشي جي موقعي تي پوليس جي ايڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي چڻ مان ڪو جيمز بانڊ آهيان.

رات دير سان لاهور مان گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي پوليس راهداري رمانڊ لاءِ ڪينٽ ڪچهري۾ پيش ڪيو جڏهن ته فواد چوڌري جي وڪيلن طرفان راهداري رمانڊ جي مخالفت ڪئي وئي.

عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پيشي تي ايڏي پوليس گهرائي وئي آهي ڄڻ مان ڪو جيمز بانڊ آهيان، جهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو اِهو مناسب نه هو، هو فون ڪن ها مان پاڻ ئي هليو اچان ها.

فواد چوڌري چيو ته مان چوان ٿو ته ٻاويهه ڪروڙ عوام تي ڪيس ٺاهيو، مون کي گرفتار ڪرڻ وارن کي شرمندگي ٿيندي، پوليس ٻڌائي مون کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ان تي فخر آهي، نيلسن منڊيلا تي  اهڙو ئي ڪيس هو، چيو پيو وڃي ته مان بغاوت ڪئي آهي، مان اڳوڻو وفاقي وزير ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهيان، مون سان عزت ۽ احترام وارو ورتاءُ رکيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.