فواد جي گرفتاري، عمران خان پارٽي اڳواڻن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ سرڪار مونکي ڪڏهن به گرفتار نٿي ڪري سگهي.

پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻن سان گفتگو ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سندس پنهنجا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن، تنهنڪري امپورٽڊ حڪومت مونکي ڪڏهن به گرفتار نٿي ڪري سگهي.

گذريل رات عمران خان جي امڪاني گرفتاري جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪارڪنن جو وڏو انگ زمان پارڪ پهتو ۽ احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ٻاويهه ڪروڙ عوام تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺو آهي.

پارٽي اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاريءَ تي ردعمل ڏيندي عمران خان جو چون هو ته فواد چوڌري تحريڪ انصاف جو متحرڪ ڪارڪن آهي، کيس انتقامي ڪارروائي جونشانو بڻايو ويو آهي.

عمران خان پنهنجي امڪاني گرفتاري بابت پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان صلاح مشورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پارٽي جي مرڪزي قيادت کي هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ٻئي پاسي زمان پارڪ لاهور ۾ قائم سندس رهائشگاهه ٻاهران پي ٽي آءِ چيئرمين جي امڪاني گرفتاري جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪارڪنن مختلف شفٽس ۾ احتجاج ڪندا، پهرين مرحلي ۾ لاهور جي مختلف علائقن جا ڪارڪن زمان پارڪ ٻاهران ڊيوٽي جا فرض انجام ڏيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.