لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري کي فوري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پنجاب ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز کي سڏائي ورتو آهي.
هاءِ ڪورٽ ۾ فواد چوڌري جي بازيابي بابت درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ پڇاڻو ڪيو ته فواد چوڌري ڪٿي آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته سڀني سان رابطو ڪيو آهي پر پي ٽي آءِ اڳواڻ پنجاب پوليس وٽ نه آهي.
فواد چوہدری کو درجنوں پولیس, CTD اور نامعلوم گاڑیوں کے حصار میں کینٹ کچہری کی طرف روانہ کر دیا گیا- #ReleaseFawadCh
pic.twitter.com/UDLgzgS4zK— PTI (@PTIofficial) January 25, 2023
جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته آءِ جي پنجاب کي سڏايو، جنهن تي سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته آءِ جي پنجاب به صوبي ۾ نه آهي.
جنهن بعد عدالت پنجاب ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز کي شام ڇهين وڳي طلب ڪندي سرڪار وڪيل چيو ته پهريان فواد چوڌري کي پيش ڪيو بعد ۾ اوهان کي ٻڌندس.
فواد چوڌري جو راهداري رمانڊ منظور
ان کان اڳ جڊيشل مجسٽريٽ پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ فواد چوڌري جو راهداري رمانڊ منظور ڪندي کيس اسلام آباد جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جوحڪم ڏنو.
اسلام آباد پوليس فواد چوڌري کي لاهور جي مقامي عدالت ۾ جڊيشل مجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ۽ کيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ جي درخواست ڪئي.
عدالت رمانڊ منظور ڪندي کيس اسلام آباد جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
نيلسن منڊيلا خلاف به اهڙو ئي ڪيس داخل ڪيو ويو هو : فواد چوڌري
ٻئي پاسي عدالت ۾ پيشي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته منهنجي پويان پوليس ايئن لڳائي وئي، ڄڻ ڪو مان جيمز بانڊ هجان، جهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو، اِهو مناسب نه هو، مونکي فون ڪري گهرائي وٺن ها، پاڻ ئي پهچي وڃان ها.
فواد چوڌري چيو ته مون اليڪشن ڪميشن بابت جيڪو ڪجهه به ڳالهايو، پورو پاڪستان اها ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي، مون مٿان جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان تي فخر آهي، نيلسن منڊيلا تي به اهڙو ئي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳواڻن پاران فواد چوڌري جي گرفتاري جي مذمت
فواد چوہدری کو گھر کے باہر سے نامعلوم افراد نے گرفتار کر لیا- #ReleaseFawadCh
— PTI (@PTIofficial) January 25, 2023
هوڏانهن پي ٽي آءِ چيرمين عمران خان ۽ اڳواڻن شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، حماد اظهر، شبلي فراز، فرخ حبيب ۽ ٻين طرفان فواد چوڌري جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي آهي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
فواد چودھری کی علی الصبح بغیر وارنٹ گرفتاری اس ملک کی جمہوریت اور قانون کی بالادستی پر ایک زوردار طمانچہ ھے۔ کیا قصور ھے فواد کا؟ کس جرم کے تحت اٹھایا گیا؟ خدارا پاکستان کے ساتھ کھلواڑ بند کیا جائے ورنہ حالات کسی کے قابو میں نہیں رہیں گے ۔
— Shah Mahmood Qureshi (@SMQureshiPTI) January 25, 2023
شاهه محمود قريشي چيو ته فواد چوڌري کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي؟ خدارا اهڙيون حرڪت بند ڪيو نه ته حالتون ڪنٽرول ۾ نه رهنديون
Strongly condemn the arrest of @fawadchaudhry by the #ImportedGovernmentNaManzoor
Pakistan has become a lawless state at the hands of these lawbreaking lawmakers and corrupt law enforcement officers!
All hell bent on pushing this country towards anarchy!
— Ali Haider Zaidi (@AliHZaidiPTI) January 25, 2023
شيرين مزاري چيو ته ڇا ڪنهن کي منشي سڏڻ گرفتاري جو سبب بڻجي سگهجي ٿو؟ فواد جي گرفتاري شرمناڪ حرڪت آهي، فواد چوڌري کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪائڻ وارو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري گرفتار
رات دير سان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو .
پوليس فواد چوڌري لاهور جي علائقي ٺوڪر نياز بيگ مان سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو.
ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب هڪ ٽوئيٽ ذريعي ٻه وڊيوز شيئر ڪيون جنهن ٻڌايو ته فواد چوڌري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پولیس کی یہ گاڑیاں فواد چوہدری کو گرفتار کرکے لے جارہی ہے pic.twitter.com/CJXiAHO3fQ
— Farrukh Habib (@FarrukhHabibISF) January 25, 2023
انکانپوءِ اسلام آباد پوليس فواد چوڌري جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ سيڪريٽري الڪيشن ڪميشن جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن موجب فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز کي فرضن جي ادائيگي کان روڪڻ لاءِ ڊيڄاريو ڌمڪايو آهي.
آئینی ادارے کی درخواست پر پی ٹی آئی رہنما فواد چوہدری کے خلاف مقدمہ درج کیا گیا۔
سیکرٹری الیکشن کمیشن آف پاکستان کی درخواست پر تھانہ کوہسار میں درج کیا گیا۔
فواد چوہدری نے چیف الیکشن کمشنر اور ممبران کو ان کے فرائض منصبی سے روکنے کے لئے ڈرایا دھمکایا۔
1/2— Islamabad Police (@ICT_Police) January 25, 2023
Exclusive message by Fawad Chahudry: #ReleaseFawadCh pic.twitter.com/meu4JDo1oV
— PTI (@PTIofficial) January 25, 2023