پي ٽي آءِ لاءِ قومي اسيمبلي بعد سپريم ڪورٽ جا دروازا به بند

اسلام آباد (عاصمه شيرازي )  تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 43 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ مان پي ٽي آءِ جو صفايو ٿي ويو آهي.

نامياري صحافي موجب آخري ڪوشش طور پي ٽي آءِ جي فارغ ٿيل 8 ايم اين ايز سپريم ڪورٽ پهچي چيف جسٽس سان ملاقات ڪرڻ چاهي پر افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته سپريم ڪورٽ  جا در به پي ٽي آءِ لاءِ بند ٿي ويا آهن. ڇو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ چيف جسٽس کان اڳواٽ  وقت وٺڻ بنا پهچي ويا، ان ڪري پوليس کين اهو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته اوهان اڳواڻ وقت نه ورتو آهي.

ان ڪري چيف جسٽس سان اوهان جي ملاقات نه ٿي ڪرائي سگهجي. اصل ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پراڻي عادت پيل هئي جڏهن هو بنا ڪنهن اڳواٽ  وقت وٺڻ جي جنهن به اداري ۾ ويهندا هئا ته اداري جي سربراهه سان سندن ملاقات ٿي ويندي هئي پر کين اڃان احساس نه ٿيو آهي ته وقت ۽ حالتون  هاڻي تبديل ٿي چڪيون آهن. ان ڪري کين مايوس ٿي واپس وڃڻو پئجي ويو.

نوٽ: عاصمه شيرزايءَ هي تجزيو رزواني عوامي آواز اربع 23-01-25 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.