انور پيرزادو هڪ گهڻ صلاحتيو ۽ لاڀائتو دانشور

تحرير: زاهد مخدوم\سنڌيڪار: ثريا مخدوم

انور پيرزادو گهڻو ڪري سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ اصول پرست دانشورن مان هڪ هو. هن جو عالمي نظريوگهڻي ڀاڱي مارڪسي تصورن واري سماجي انصاف، سامراج مخالف ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تصوف، فيمينزم، ويندي بين الاقواميت جي نقطه نظر تي تمام گهڻو ٻڌل هو.هن ڪڏهن به تخليقي لکڻين، صحافت ۽ تحقيق لاءِ پنهنجي گهري ذوق کي سماجي انصاف، اظهار جي آزادي، برابري ۽ امن لاءِ پنهنجي انتهائي گهربل ۽ مفيد سرگرميءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏنو.

مون کي مارچ 1971ع جي آخري ڏينهن کان، اولهه پاڪستان جي فوجي-بيوروڪريٽڪ-جاگيرداراڻي اسٽيبلشمينٽ جي هٿان اوڀر بنگال جي عوام جي نسل ڪشي جي ڪوششن جي مخالفت ڪرڻ جي نتيجي ۾ قيد ڪيو ويو. ان کان پوءِ انور کي به گرفتار ڪيو ويو. منهنجي ڀيڻ ظلمن جي انهن ڏينهن جي هڪ عجيب ڪهاڻي ٻڌائي.  انور جي ماء،ُ جيڪا منهنجي خاندان جي تمام ويجهي ۽ پياري هئي. اسان جي ڳوٺ، اسان جي حاويليءَ ۾ آئي. ٿوري دير کان پوءِ هن خواهش ظاهر ڪئي ته هوءَ منهنجي  ناني سائين جي مقبري تي پنهنجي پياري پٽ انور جي سلامتي ۽ جلد بازيابي لاءِ دعا گهرڻ وڃي رهي آهي. منهنجي پياري ڀيڻ، ثريا، کيس سنجيدگيءَ سان ٻڌايو ۽ صلاح ڏني ته، ”ماسي، ناني سائينءَ جو پنهنجو پيارو ڏوهٽو پڻ جيل ۾ آهي، سو مهرباني ڪري کين اهو  ياد ڏيارجاءِ ته ادا انور سان گڏ سندن نوجوان ڏوهٽو پڻ جيل ۾ آهي“.

مون کي جنوري 1972ع ۾ آزاد ڪيو ويو. ادا انور ا ن کان اڳ آزاد ڪيو ويو هو. مان جڏهن آزاد ٿيس، ان وقت هو اڳي ئي هڪ مشهور صحافي ٿي چڪو هو. سندس حوصلا افزائي، بلڪه مسلسل اصرار مون لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه ڇڏيو هو ته مان پنهنجي منتشر سوچن کي هڪ هفتيوار، تنقيدي ۽ طنزيه ڪالم (”دوزخ مان هڪ خط“) لاءِ  قلمبند ڪريان، جنهن کي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ انور سنڌي روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ شايع ڪيو. اهو ڪالم جلد ئي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ان سرڪاري اخبار جي صفحن تان بليڪ آئوٽ ڪيو ويو.  پر پوءِ به انور نه رڪيو ۽ اصرار ڪندو رهيو ته مان لکان.  منهنجو ڪالم مختلف رسالن يا اخبارن ۾ ڪجهه وڌيڪ وقت ڇپيو، جيستائين مون 1977ع کان مرحوم، عظيم انسان مظهر علي خان خان جي رسالي ”ويو پوائنٽ“ لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڳالهه کيس تمام گهڻو مطمئن ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو سياسي بنيادن تي ناخوش هو ته منهنجي دوست سليم اڪبر قاضي جي اوچتي وفات کان پوءِ مون هفتيوار ”سنڌ آبزرور“ جي ايڊيٽر شپ سنڀالي هئي.  يقينن، سليم جي پيءُ قاضي اڪبر جي پاليسيءَ سان اختلافن سبب فقط چند شمارا  ايڊٽ ڪرڻ بعد مون کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. مان اقرار ڪريان ٿو ته جيڪڏهن پنهنجي سهڻي ڪامريڊ ۽ دوست انور جي سهڻي صلاح ۽ سهڪار نه هجي ها ته مان ڪڏهن به پنهنجو قلم ڪاغذ تي نه هلايان ها. سچ پڇو ته ٻيا به ڪيترائي سنڌي اديب ۽ صحافي آهن، جن پڻ انور کان اتساهه حاصل ڪيو.

آخري دفعو مون انور کي 2005 جي آس پاس ڏٺو هو.  هو دل ۽ ساهه جي مشڪلاتن جي تشخيص هيٺ پننهنجو علاج ڪرائي رهيو هو،  پر بستري تي نه هو. مون کي ياد آهي ته مون هن لاءِ شيري ڪاسڪڍ سنگل مالٽ وسڪي جي بوتل ۽ عراق جنگ جي حوالي سان رياست، ڪارپوريٽزم ۽ سامراجيت تي مارڪسي تبصرو، ”اپاهج ڪيل طاقتون“، جيڪو فرانسسڪو بَي ايريا جي مارڪسسٽ مفڪرن ۽ تعليمي ماهرن جي ڇاپي رٽورٽ RETORT پاران پڌرو ڪيو ويو هو سي آندا هيا. انور کلندي چيو ته تو کي ان بوتل تي پاڻ ئي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي صحت ان کي پيئڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي.  باقي هن خوشيءَ سان اهو ڪتاب قبول ڪندي چيو ته ”مان لکڻ ۾ ڏاڍو مصروف آهيان پر ٺيڪ آهي توهان چاهيو ٿا ته مان هي ڪتاب پڙهان، مان پڙهي وٺندس“.

هن جي انتهائي تخليقي دانشوراڻي زندگيءَ جي عروج ۾، مان هن جي صحت جي خرابيءَ جو مشاهدو ڪري تباهه ٿي ويس. ڪجهه ڏينهن مان ڪراچيءَ ۾ رهيس، ڪيترائي ڀيرا هن وٽ گهمڻ وياسين ۽ هر ڀيري هن مون کي ڀٽائيءَ جي ڪنهن ٻئي املهه نقطي جي تعليم ڏني. روايتي انينٿروپولوجي جي ماهرن جي برعڪس جن جي يوروپي مرڪزيت جي اڌمن هميشه ماڻهن ۽ سندن تمدنن کي "دريافتن” ڪرڻ جي نقطه نظر سان ڏٺو آهي، انور جي انٿروپالاجي جي نقطه نظر جون پاڙون هن جي انسانيت ۾ کتل هيون، جن جي آبياري ڪئي هن جي تجسس، ۽ جن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ڪئي سندس روايتن ۽ ماڻهن جي احترام ڪرڻ جي روِش. ان ڪري هن صرف کوجنا ڪئي، انهن مضمونن جي اهميت کي تسليم ڪيو، جن تي هو تحقيق ڪري رهيو هو، ۽ پنهنجا نتيجا پڌرا ڪيائين.

هو هڪ پڪو مارڪسي هو پر هن ڪڏهن به پنهنجي نظريي کي حقيقتن کي ٽوڙڻ نه ڏنو.ان جو ڪاٿو لڳائڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي ته اسان جي وچ مان سندس وڃڻ سان ڪيترو وڏو علمي خال پيدا ٿيو آهي. انور پنهنجي آخري دم تائين هڪ ثابت قدم ڪامريڊ، طاقتور ڪارڪن، سخت علمي پورهيو ڪندڙ دانشور، پختو شاعر، ڏاهو نقاد،  هميشا جوڳي صلاح ڏيڻ لاءِ موجود استاد، نهايت پيار ڪندڙ، خيال رکندڙ، نرم دل دوست ۽ خاندان جو ميمبر رهيو.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.