لنڊن جي عدالت ۾ دنيا نيوز چينل تي 175 هزار پائونڊ ڏنڊ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ (ن) کي لنڊن عدالت ۾ هڪ ٻي وڏي ڪاميابي ملي آهي ۽ ” دنيا نيوز  چينل تي 175 هزار پائونڊ ڏنڊ وڌو ويو آهي.

نامياري صحافي موجب نواز شريف جي ويجهي ساٿي ناصر محمود بٽ ” دنيا نيوز چينل “  خلاف هرجاڻي جي دعويٰ  داخل ڪئي هئي. عدالت دنيا نيوز کي 175 هزار  پائونڊ هرجاڻو ادا ڪرڻ ۽ معافي وٺڻ جي سزا ٻڌائي.

دنيا نيوز چينل ناصر بٽ کان لنڊن نشريات ۾ سوا 3  منٽن تي ٻڌل معافي گهري ورتي ۽ هرجاڻي واري رقم به ادا ڪئي.

ياد رهي ته ناصر بٽ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ۽ نواز شريف جو ويجهو ساٿي آهي. ناصر بٽ ئي جج ارشد ملڪ واري وڊيو نواز شريف کي ڏني هئي جيڪا منظر عام تي به آئي هئي. ڪجهه ٻين چينلن خلاف به ناصر بٽ ڪيس ڪيا آهن جن جا فيصلا به اچڻ وارا آهن.

نوٽ:گوهربٽ هي تجزيو رزواني عوامي آواز اربع 23-01-25 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.