ايم ڪيو ايم جو تڪراري تڪبندين خلاف احتجاج جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان تڪراري تڪ بندين، آدم شماري، ووٽر لسٽن مڪاني چونڊن ۽ ٻين معاملن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ڪرائڻ لاءِ رستن تي اچڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ان حوالي سان پهريون پاور شو فئبروري ۾ ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. ذرعن جو چوڻ آهي ته عوامي طاقت جو مظاهرو مزار قائد ڀرسان باغ جناح ۾ ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب ڪراچي جي جلسي جي تاريخ جو حتمي فيصلو رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.ايم ڪيو ايم ذريعن  جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان پوءِ سنڌ جي ٻين شهري علائقن ۾ به طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو. واضح رهي ته 15 جنوري تي ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جو ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.