ڪراچي پوليس سربراهه پاران ٿاڻن جا دورا، ايس ايڇ او شاهراهه فيصل معطل

ڪراچي(رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو گذريل رات جنرل هولڊ اپ جو حڪم ڏيڻ کان پوءِ ضلعي ايسٽ ۽ سائوٿ ضلعي جي سنيپ چيڪنگ پوائنٽن ۽ ٿاڻن جو اوچتو دورو ڪيو بهادر آباد ٿاڻي جي اسنيپ چيڪنگ پوائنٽن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ شاهراه فيصل ٿاڻي جي اسنيپ چيڪنگ پوائنٽن کي چيڪ ڪندي شاهراهه فيصل ٿاڻي تي پهتو جتي هن صفائي سٿرائي نه هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو چيڪنگ پوائنٽن کي پوليس ڪنٽرول تي نه ٻڌائڻ ۽ اسنيپ چيڪنگ جي ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي هن شاهراهه فيصل ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو بعد ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڊفينس جي چيڪنگ پوائنٽن تي پهتو ته ايڊيشنل ايس ايڇ او کي نفريءَ سميت هوشيار حالت ۾ نه ڏسڻ تي کانئن سخت پڇاڻو ڪيو ۽ ايڊيشنل ايس ايڇ او سميت نفري جي ٻن سالن سروس ڪٽوتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.