پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ سبب 60 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پيو: عالمي بئنڪ

اسلام آباد(م ڊ) عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سانوڻي جي برساتن دوران شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ 60 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پيو. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي فوڊ سيڪيورٽي اپ ڊيٽ ۾ چئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ سوين ماڻهن پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، لکين چوپايو مال فوت ٿي ويو، جڏهن ته 9.4 ملين ايڪڙ ايراضيءَ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو. سڀ کان وڌيڪ نقصان بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ کانپوءِ ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي. آڪٽوبر 2021ع ۾ شين جي مهانگائي جي شرح 8.3 سيڪڙو هئي جيڪا مارچ 2022ع ۾ 15.3 سيڪڙو ۽ ٻوڏ کانپوءِ سيپٽمبر ۾ 31.7 سيڪڙو ٿي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور تي ڏکڻ ايشيا ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي سببن، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ مقامي ڪرنسين جي قدر ڪِرڻ سان مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيو، جنهن سبب کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون وڌي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.