”ڊاڪٽر بڻايو“ڪراچي ۾ميونسپل جو مالهي عدالت پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾مالهي ڊاڪٽر جي عھدي تي ترقي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي درخواست ڏئي ڇڏي.مالهي محمد سهيل پنهنجي درخواست ۾ چيو ته هو اوڀر ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ هيڊ مالھي طور ڪمڪري رهيو آهي، هوميوپيٿڪ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي، ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پوسٽ به خالي آھي، ان ڪري ڊاڪٽر بڻايو وڃي.ان موقعي تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو درخواست گذار کي چيو ته توهان کي نوڪريءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي، پنهنجي ڪلينڪ کولي ڇڏيو، اسان ۽ توهان جو وڪيل دوا وٺڻ لاءِ توهان جي ڪلينڪ تي اينداسين. جج درخواست گذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته وڪيل صاحب ! ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي مئوڪل کان دوا ورتي آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته درخواست گذار اڃا ڪلينڪ ناھي کولي، ھو نوڪري حاصل ڪرڻ چاھي ٿو.ان موقعي تي ڊي ايم سي جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته درخواست ٻڌڻ جوڳي ناھي، فوري طور رد ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.