سڀني لاءِ تعليم پ پ جي منشور جو اهم نقطو آهي: آصف /بلاول

ڪراچي(رپورٽر)  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته سڀني لاءِ تعليم پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جو اهم نقطو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪيا، بينظير ڀٽو شهيد شاگردن کي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي علم جي نصيحت ڪئي هئي. بلاول هائوس مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن تعليم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريبن لاءِ وسيله تعليم پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته طبقاتي احساس محرومي جي خاتمي لاءِ تعليم بنيادي قدم آهي، هوڏانهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي  ضمانت آهي 22 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ سڄي قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو ۽ چئلينج آهي. هن زور ڏنو ته دنيا سان گڏ بيهڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن کي رڳو تعليم نه پر معياري تعليم جي ضرورت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي جنگي بنيادن تي ختم ڪرڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.