ملير ۾مزدا موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي،2 ڀائرن سميت 3 شاگرد چيڀاٽجي فوت

ملير(رپورٽ:جميل چانڊيو) ملير ۾ رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ويجهو مزدا موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 شاگرد چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، مزدا ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪاروائي بعد لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا.رپورٽ موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي حد رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار مزدا  موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ لاشاري ڳوٺ جا رهواسي ٽي شاگرد چيڀاٽجي فوت ٿي ويا،  فوتين 13 ورهين جو نعمان، سندس ڀاءُ 10 ورهين جو لقمان لاشاري پٽ اختر لاشاري ۽ 12 ورهين جو عبدالله لاشاري شامل هئا. هوڏانهن مزدا ڊرائيور گاڏي ڇڏي ڀڄي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا. پوليس موجب فوت ٿي ويل شاگرد ايگرو ٽيڪنيڪل اسڪول ۾ پڙهندا هئا. جيڪي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ واپس گهر طرف وڃي رهيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.