پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ پرويز الاهي خلاف نعري بازي

لاهور (عوامي آواز نيوز) پنجاب جي نگران وڏي وزير خلاف اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ پرويز الاهي خلاف نعريبازي شروع  ٿي وئي. نامياري صحافي  معظم فخر موجب پي ٽي آءِ ا ڳواڻ حماد اظهر  ۽ ٻيا ان وقت حيران پريشان ٿي ويا، جڏهن ڪارڪنن ” وڏو ڊاڪو نامنظور، وڏي ڊاڪو جو پٽ“ به نامنظور نعرا هڻڻ شروع ڪري ڏنا. اطلاع  ملڻ تي پرويز الاهي فون ڪري عمران خان کي ميار ڏني ته هن سندس چوڻ تي حڪومت قربان ڪري ڇڏي، باقي اسان جو  ڪهڙو ڏوهه آهي جو اسان خلاف نعرا هڻايا پيا وڃن جنهن تي عمران خان چيو ته هو پڇاڻو ڪندو ۽ پوءِ ذريعن موجب  حماد اظهر تي عمران خان ٻٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هڪ ته احتجاج ۾  ڪارڪنن جو وڏو انگ شريڪ نه ٿيڻ ۽ ٻيو پرويز الاهي خلاف نعريبازيءَ تي پڇاڻو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.