لاهور ڪرپٽ نگران وڏي وزير کي رد ڪري ڇڏيو:عمران

لاهور(م ڊ ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لاهور ڪرپٽ نگران وڏي وزير کي رد ڪري ڇڏيو.پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته پنجاب جو نگران وڏو وزير تحريڪ انصاف جو بدترين مخالف آهي، محسن نقوي حڪومت جي تبديلي جو مرڪزي منصوبو جوڙيندر اڳوڻي آرمي چيف جي مددگار ڪردارن مان هڪ آهي.هن چيو ته اڄ عدل، قدرن ۽ اخلاقيات جو مڪمل طور مذاق اڏايو پيو وڃي.

عمران ۽ چوڌري پرويز کي اليڪشن جي تاريخ نه اچڻ تي ڳڻتي

لاهور  (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمرن خان سان اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي زمان پارڪ ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات ۾پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر، فواد چوڌري، سينيٽر اعظم سواتي ۽ حماد اظهر به شرڪت ڪئي.ملاقات دوران اليڪشن ڪميشن جي قدمن خلاف آئيني آپشنز تي ڳالهيون ڪيون ويون.زمان پارڪ ۾ ٿيل ملاقات دوران سياسي اڳواڻن اليڪشن ڪميشن جي تڪراري قدمن خلاف احتجاج کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو، اعليٰ عدليه سان رجوع ڪرڻ  ۽ سياسي آپشنز تي به ڳالهيون ڪيون ويون.ان موقعي تي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن جي تاريخ نه اچڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي بيوروڪريسي جي مصقررين ۽ بدلين جي معاملن تي خيالن هي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهيءَ ايندڙ سياسي معاملن جي حوالي سان پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪيو.

پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري خلاف پي ٽي آءِ سراپا احتجاج

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ محسن نقوي کي نگران وڏو وزير بڻائڻ خلاف سراپا احتجاج آهي، لاهور ۾ پي ايم جي چوڪ تي ميدان سجائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر خطاب ڪندي چيو ته محسن نقوي کي غيرتمند عوام جو پئسو  روڪڻ لاءِ آندو ويو آهي، عاليه حمزا ملڪ چيو ته محسن نقوي جي مقرري سان ملڪ ۾ ڌانڌلي جي شروعات ٿي وئي، هن عمران خان تي حملي جي  جي آءِ ٽي کي تبديل ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو ته مقرري جي تڪراري فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.