موٽروي ڪرپشن: 3 ارب 61 ڪروڙ ڦٻائيندڙ ڊي سي نوشهروفيروز ادارن جي پهچ کان اڃا تائين پري!

ڪراچي(م ڊ) سکر حيدرآباد موٽروي رٿا ۾ هڪ کانپوءِ هڪ انڪشاف سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيس نيب حوالي ڪيو ويو، خيال رهي ته ايم 6 موٽروي منصوبي لاءِ اين ايڇ اي زمينن جي خريداري لاءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽نوشهروفيروز کي 7 ارب 71 ڪروڙ 16 لک رپين کان وڌيڪ جا فنڊ جاري ڪيا پر مبينه طور تي قاعدن ضابطن جو خيال نه رکيو ويو، 3 ارب 61 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ وصول ڪندڙ ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم غيرملڪي اڏام ذريعي آذربائيجان فرار ٿي ويو، ٻئي پاسي 4 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ڪندڙ ڊي سي مٽياري  جي نگراني ۾ مبينه طور تي سوا 2 ارب رپيا ڪيش ڪڍرائي وئي، پر زمين جي خريداري نه ڪئي وئي، سنڌ حڪومت ڪرپشن جي جاچ لاءِ ڪميٽي بڻائي هئي ۽ اينٽي ڪرپشن سنڌ ڪيس به داخل ڪيا هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.