گئس،بجلي مهانگي، پيٽروليم ليوي به وڌائينداسين، پاڪستان جون آءِ ايم ايف کي خاطريون

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان آءِ ايم ايف کي گئس مهانگي ڪرڻ ۽ پيٽرول ليوي وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جنهن ۾ اسلام آباد جائزي کانپوءِ پروگرام بحال ڪرڻ تي اصرار ڪري ورتو.پاڪستان آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته گئس تڪڙي مهانگي ڪري ڇڏينداسين، پيٽرول تي ليوي به وڌائي رهيا آهيون، ٽيڪس به پورا ڪنداسين، بس توهان قرض ڏيو.ذريعن موجب ڳالهين دوران آءِ ايم ايف بجلي تي سبسڊي ۽ مختلف شعبن ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ جا شرط لڳايا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستاني وفد کي چيو ته رپئي جي قدر ۾ واڌ کي هٿرادو طريقي سان نه روڪيو وڃي، بجلي جي سبسڊي به ختم ڪئي وڃي، ٽيڪس جي جي ڊي پي شرح وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ مختلف شعبن کي ڏنل ڇوٽ ختم ڪئي وڃي،پاڪستاني وفد معاشي صورتحال جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ هلندڙ سال لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس وصولين جو هدف مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، پاڪستاني وفد آءِ ايم ايف کي گئس اگهن ۾ جلد اضافي جي فيصلي کان به آگاهه ڪيو، گئس شعبي جو گردشي قرض به ختم ڪيو پيو وڃي، پاڪستان آءِ ايم ايف کان پروگرام بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، آج نيوز موجب آءِ ايم ايف جا سخت شرط ۽ ٽيڪس شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ جو مسودو حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف جائزه مشن جي آمد کان اڳ اڪثر شرط پورا ڪيا ويندا، مني بجيٽ ۾ نان فائلرز جي بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي ودهولڊنگ تيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، مني بجيٽ ۾ ڪيترين ئي لگزري شين تي اضافي ڊيوٽي مڙهڻ، 70 ارب جي شين تي ڏني ويندڙ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ ۽ نان فائلرز تي ودهولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پيٽروليم مصنوعات تي ليوي 50 سيڪڙو، گئس جا اگهه 30 سيڪڙو ۽ مختلف صارفن لاءِ بجلي جا اگهه 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو امڪان آهي، انهن سمورن قدمن جي شروعات پهرين فيبروري کان ٿي سگهي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.