ڊجيٽل آدمشماري پهرين مارچ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪي تاريخ جي پهرين پيپر ليس ڊجيٽل آدم شماري ۽ گهر شماري پهرين مارچ کان شروع ٿيندي،ان سلسلي ۾ حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.نوٽيفڪيشن موجب پهرين مارچ کان شروع ٿيندڙ ڊجيٽل آدم شماري  پهرين اپريل تائين جاري رهندي.واضح رهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهرين پيپر ليس ڊجيٽل آدم شماري، ستين گهرو ۽ آدم شماري  جي شروعات ٿي رهي آهي، پهرين پيپر ليس آدم شماري ۾ جيو ٽيگنگ شامل آهي.ملڪ ۾ ستين آدم شماري تي 34 ارب رپيا لاڳت ايندي، هر شهري پورٽل تي ڊجيٽل آدم شماري ۾ پاڻ مرادو پنهنجي ڊيٽا اپ لوڊ ڪري سگهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.