توشاخانه مان تحفا خريد ڪرڻ تي پابندي هڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا بجلي جي تعطل جهڙن واقعن جي تدارڪ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي تياري جو حڪم ڏيندي توانائي جي بچت جون عادتون اختيار ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نوعيت جي پهرين ملڪ گير عوامي آگاهي مهم جي منظوري ڏني آهي وزيراعظم بجلي جي تعطل تي سخت ڪاوڙ، عوام ۽ ڪاروباري برادري جي پريشاني جو سبب بڻجندڙن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي بريفنگ کي ساراهيو ۽ ملڪ گير مهم کي جلد کان جلد هلائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه صوبي ۽ پنجاب صوبي ۾ نگران حڪومتن کي پڻ توانائي بچت منصوبن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو وڃي وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 3 جنوري 2023ع ۽ 11 جنوري 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا سي سي ايل سي جي 6 جنوري 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.