ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ ٿڌ جي سخت لهر برقرار آهي ۽ ڪراچي ۾ اڱاري جي صبح ٿڌيون هوائون گهلڻ سان شهر جو پارو ڪِري پيو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ صبح پارو 7 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ رات جو پارو 6 کان 4 ڊگري تائين ڪِري سگهي ٿو.موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ موجب وچ ۽ اوڀر علائقن ۾ پارو 8 کان 5 ڊگري تائين ڪِري سگهي ٿو، جڏهن ته ڏاکڻي علائقن ۾ اهو 11 کان 9 ڊگري تائين رهي سگهي ٿو.سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سياري جي مند جي اها آخري سخت لهر ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.