شاهد خاقان عباسي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  مسلم  ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پارٽي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي.

نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته جڏهن مريم نواز کي پارٽي جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو ۽ شاهد خاقان کي اطلاع به نه ڏنو ويو ته ان ئي وقت هن استعيفا ڏيڻ پئي چاهي پر  وزيراعظم  شهباز شريف کيس روڪيو هو، آخرڪار ڪالهه هن پارٽي جي سينيئر نائب صدر واري پارٽي عهدي تان استعيفا نواز شريف کي اماڻي ڇڏي آهي.

ان مان اندازو ٿئي ٿو ته (ن) ليگ جي رڌڻي ۾ وڏو رولو آهي. ڇو ته بدقسمتيءَ  سان سياسي پارٽين اندر جمهوريت نه آهي، هڪ خاندان  گڏجي ويهي فيصلا ڪندو ته نتيجا ظاهر آهي. استعيفائن جي صورت ۾ ايندا. هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ گنجائش باقي نٿي رهي.

اپوزيشن جو مقصد رڳو نگران وزيراعظم جي مقرري ناهي هوندو، عمران خان ته هڪ ڏينهن به اپوزيشن ۾ ويهي نه سگهيو ، هو ملڪ کي تباهه ڪري ويو هو،اسپيڪر پنهنجو صوابديد استعمال ڪيو آهي، عمرا ن خان روڊن تي اچڻ چاهي ٿو ته ڀلي اچي، اڄ جيڪي حالتون آهن ان جو ذميوار عمران خان آهي، عمران پهرين آمريڪا، باجوا تي الزام هنيو هو، هاڻي محسن نقوي تي الزام هڻي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ سخت فيصلن جي ضرورت آهي.

نوٽ: هي تجزيو رزواني عوامي آواز اربع 23-01-25 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.