پاڪ سوزوڪي ۽ هونڊا گاڏين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان

ڪراچي(م ڊ)سوزوڪي ڪمپني موٽرسائيڪلن کانپوءِ سڀين ماڊلز جي گاڏين جي اگهن ۾ ساڍا 3 لک رپين جي واڌ جو اعلان ڪيو آهي.رپورٽ موجب سوزوڪي موٽرز جي ترجمان شفيق احمد شيخ موجب ڪمپني جي وينڊرز ۽ ڊيلرز لاءِ اهو ڏاڍو نازڪ وقت آهي ڇاڪاڻ ته پيداوار ۽ وڪرو نه ٿيڻ سبب سڀ ئي پريشان آهن.ترجمان سوزوڪي موٽرز جو چوڻ آهي ته موجوده معاشي غيريقيني صورتحال سبب مقامي ۽ عالمي خام ۽ ٻئي سامان جي اگهن ۾ واڌ، پرڏيهي ڪرنسي جي غيرمستحڪم صورتحال ڪمپني لاءِ گاڏين جي موجوده اگهن کي برقرار رکڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته ڪمپني پنهنجي گاڏين جي اگهن ۾ واڌ ذريعي مارڪيٽ جي منفي اثرن جي گهٽ حصي کي واهپيدارن تي منتقل ڪرڻ تي مجبور آهي. نوان اگهه 25 جنوري کان لاڳو ٿيندا هوڏانهن هونڊا ڪمپني به پنهنجي گاڏين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.