پي ٽي آءِ جي واپسيءَ جا  دڳ بند، وڌيڪ 43 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ کان اڳ وڏو ڌچڪو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 43 ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪري سمري اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان 43 ميمبرن جي منظور ڪيل استعيفائن جي سمري اليڪشن ڪميشن کي ملي وئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرز جون استعيفائون 4 مرحلن ۾ منظور ڪيون ويون. هن وقت تائين 124 ميمبرز جون استعيفائون منظور ٿي چُڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن 81 ميمبرز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري چُڪي آهي.قومي اسيمبلي ۾تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي چونڊيل هاڻي صرف باغي ميمبر ئي بچيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.