سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سياسي بحران پيدا ٿي ويو:فواد

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري عدليه کان معاملن ۾ مداخلت جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ملڪ ۾ وڏو سياسي بحران پيدا ٿي ويو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ هن وقت لاوارث ٿي ويو آهي، جتي روزاني غير يقيني واري صورتحال سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. فواد چوڌري چيو ته عدليه کي چوان ٿو ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هي بحران اوهان جي ڪري آيو آهي، سپريم ڪورٽ  اسپيڪر جي رولنگ رد نه ڪري ها ته اليڪشن ٿي چڪي هجي ها،هن چيو ته بدقسمتي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب پاڪستان ۾ ايڏو وڏو سياسي بحران آيو آهي، جنهن 22 ڪروڙ ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، هڪ نااهل وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي مسلط ڪيو ويو آهي.هن چيو ته ڪابينا ۽ وزيراعظم جنهن طريقي سان حڪومت ڪري رهيا آهن، ان تي شرم اچي ٿو.فواد چوڌري چيو ته پهرين پي ٽي آءِ جون استعيفائون منظور نه ٿي رهيون هيون جڏهن اسان چيو ته اپوزيشن ليڊر راجا رياض کي هٽائڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون ته ٽن ڏينهن تائين سيڪريٽريٽ بند ڪيو ويو، پوءِ سيڪريٽريٽ مان نوٽيفڪيشن اچي ٿو ۽ اليڪشن ڪميشن جي حيثيت هن حڪومت ۾ هڪ منشي جهڙي ٿي وئي آهي.هن چيو ته ادارن جو زوال هن حڪومت ۾ ڏٺو، ان کان اڳ نه ڏٺو، اليڪشن ڪميشن کي فون ڪيو وڃي ٿو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ڪلارڪ  جيان صحي ڪري موڪلي ڇڏي ٿو.فواد چوڌري وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته محسن نقوي نگران وڏو وزير هوندو ته هو صحي ڪري ڇڏي ٿو، جيڪڏهن ايترو ڪمزور آهي ته گهر ويهي رهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو سيٽ اپ هلايو پيو وڃي، ان جو آئين سان ڪو به تعلق ناهي پر  مافياز جو سيٽ اپ آهي، پاڪستان هڪ بدترين بحران طرف وڃي رهيو آهي ۽ سياسي تباهي ٿي چڪي آهي.فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته گورنر پنجاب ۽ گورنر خيبر پختونخوا چونڊن جي تاريخ نه ڏئي آئين جي آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، اسان کي جڏهن به موقعو مليو ته هنن جي ڳچيءَ ۾ اها ئي رسي وجهنداسين، جيڪا اسان کي آئين فراهم ڪري ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.