ڪراچي ۾ اٽو اڻلڀ،چڪي مالڪن هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ چڪي مالڪن هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ شهر ۾ اٽي جي سنگين بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.ڪراچي ۾ اٽي چڪي مالڪن اڄ کان شهر ۾ چڪيون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.چڪي ايسوسي ايشن جي جنرل سيڪريٽري انيس شاهد جو چوڻ آهي ته ڪمشنر ڪراچي چڪي جي اٽي جو ريٽ 105 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان اوپن مارڪيٽ مان ڪڻڪ 120 رپين ۾ خريد ڪري رهيا آهيون.چڪي مالڪن موجب 105رپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري اسان وٽ چڪيون بند ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي.چڪي ايسوسي ايشن اڳواڻ چيو ته انتظاميا چڪين تي ڇاپا هڻي انهن کي سيل ڪري رهي آهي، مطالبن جي منظوري تائين 4 هزار چڪيون مڪمل طور بند رهنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.